'سليم ڀٽو' جون تصويرون
 سليم ڀٽو جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

سليم ڀٽو لطيفي

سليم ڀٽو ’لطيفي‘: مشهور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي داودءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ميهڙ مان 1976ع ۾ ڪيائين، انٽر 1978ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان ڪرڻ بعد بي. اي (1982ع) ۽ ايم. اي انگريزي .....


پير بخش ڀٽو

پير بخش ڀٽو: هن نالي سان ضلعي شڪارپور ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جدا جدا ٻه ديهون موجود آهن: ضلعي شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين واري ديهه ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: محبت اُنڙ، الهه آباد نئون، اسحاق ڏيرو ۽ قاسم ڪلهوڙو. ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي رتيديري واري ديهه ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: پير بخش ڀُٽو، کوکر، چوڍا، آباد، شاه.....


صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر

صديقي، سليم الزمان، ڊاڪٽر: ناميارو سائنسدان، ڪيميادان، اديب، مصور ۽ ڏاهو، سليم الزمان صديقي 19 آڪٽوبر 1897ع ۾ لکنؤ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. هن مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد انگلستان ۽ جرمنيءَ مان ڪيمسٽريءَ ۾ اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل ڪئي. 1927ع ۾ فرنيڪفرٽ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين.....


ڀٽو مشتاق علي خان

ڀٽو، مشتاق علي خان: مشتاق علي خان ولد نادر علي خان ڀٽو 8 آگسٽ 1947ع تي ڳڙهي خدا بخش، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳڙهي خدا بخش مان حاصل ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان، ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) 1977ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. هن پنهن.....


اسد الله ڀٽو پروفيسر

اسد الله ڀٽو، پروفيسر: پروفيسر اسد الله ڀٽو اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو نامور اسڪالر، اسلامي دانشور ۽ ماهر تعليم ٿي گذريو آهي. 15 جنوري 1945ع تي، ڳوٺ مبارڪپور (جيڪب آباد) ۾، حاجي غلام قادر ڀٽي جي گهر ۾ جنم ورتو. هي باني سيڪريٽري ”تنظيم فڪر و نظر“ سنڌ (تاسيس 1977) پڻ رهيو. سندس هي تصنيفون آهن: (1) عالم اسل.....


اسد الله ڀٽو مولانا

اسد الله ڀٽو، مولانا: جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير ۽ سنڌ جو اڳوڻو امير مولانا اسد الله ولد محمد بچل ڀٽو پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي. هو 3 مئي 1946ع تي سکر شھر ۾ ڄائو. هن ايل ايل بي جي ڊگري 1969ع ۾ ۽ سماجيات ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾ ڪئي. هو ايران، افغانستان جو دورو ڪري چڪو آهي. 2002ع و.....


سليم ناصر

سليم ناصر: فلم ۽ ٽي وي جو مشھور اداڪار سليم ناصر 15 نومبر 1944ع تي ناگپور (گڏيل هندستان) جي هڪ پٺاڻ خاندان ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو سيد شير خان هو. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ لڏي آيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪراچيءَ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ اداڪاري جي شعبي ڏ.....


 پوئتي   4   5   6   7  8